سينگارنوناري جي جبري گمشدگي خلاف ريلي، ڌرڻو

نصيرآباد /باڊھه (رپورٽ: بشير بروهي/ نظام ڪولاچي  ) عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ سينگار نوناري 23ڏينهن گذرڻ باوجود آزاد نه ٿيو، نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ پاران سنڌ سطح جو مارچ ڪڍيو ويو. سينگار نوناري جي باءِ پاس واري گهر کان نوناري محلي تائين نڪتل مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي جو مطالبو ورجايو. مارچ سوين عورتن، مزدورن، شاگردن، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن توڙي سول سوسائيٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪري جبري گمشدگين واري عمل خلاف سخت نعريبازي ڪئي.مارچ نوناري محلي تي پهچڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو، جتي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي صدر يوسف مستي خان، سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ناري جمهوري محاذ جي اڳواڻ ۽ ڪامريڊ سينگار نوناري جي گهرواري ڪامريڊ فوزيه سينگار، ڪامريڊ سينگار جي امڙ هير، عابده چنا، وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ حيدر جويو، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو، حسين مسرت، سنڌ سجاڳي اڳواڻ سهڻي جويو، سنڌ پروگريسو ڪميٽي اڳواڻ هاشم کوسو، يوسف پتوجو سميت طبقاتي جدوجهد اڳواڻ امجد ٻگهيو، شهري اتحاد نصيرآباد جي صدر معشوق ڦلپوٽي سميت ٻين خطاب ڪيو.جلسي کي خطاب ڪندي اي ڊبليو پي وفاقي صدر ڪامريڊ يوسف مستي خان چيو ته ڪامريڊ سينگار جهڙن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري روايت ڪا نئين ناهي، سنڌ ۽ بلوچستان سميت ٻين صوبن ۾ جبري گمشدگين جو سلسلو زور وٺي رهيو آهي. عوام جي ٽئڪس تي پلجندڙ عوام جي ڀلي لاءِ سياست ڪندڙن کي کنڀي گم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سينگار نوناري سميت سمورن کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪري جبري گمشدگين واري روايت ختم ڪئي وڃي.اي ڊبليو پي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته عوامي ورڪرز پارٽي جبري گمشدگين خلاف مسلسل جدوجهد ڪندي رهي آهي، ڪامريڊ سينگار سميت سمورن کنڀي گم ڪيل سياسي ۽ سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي آزدي تائين سراپا احتجاج هوندي،  هن چيو ته عوامي ورڪرز پارٽي، نصيرآباد ۾ پشتون پورهيت جي قتل جي مذمت ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ نسل پرستاڻي سياست ۽ رياست کي پڻ رد ڪري ٿي.ڪامريڊ فوزيه چيو ته عيد مٿان آهي، ٻچا پنهنجي پيءُ جو پڇي رهيا آهن، پر هنن کي ڪو رحم ناهي. اسين سينگار جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪندا آيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين.ڪامريڊ سينگار جي امڙ چيو ته جيستائين سينگار آزاد نٿو ٿئي مان پنهنجي هٿن مان زنجير نه لاهينديس. منهنجو ٻچو ڪيترن ئي ڏينهن کان گم ڪيو ويو آهي، اڄ سينگار جي آزادي لاءِ ايترا گهڻا سينگار احتجاج ڪندي ڏسي خوشي ٿي آهي.خطاب ڪندي امر سنڌو چيو ته توهان هڪڙي سينگار کي کنڀي گم ڪيو آهي، سندس آزادي لاءِ اڄ ڏسي وٺو ته ڪيترا سينگار سراپا احتجاج آهن، جيڪڏهن جبري گمشدگين واري پاليسي ختم نه ڪئي وئي ته نه رڳو نصيرآباد ۽ سنڌ پر سڄو ملڪ ان عمل خلاف ڀڙڪي اٿندو.وطن دوست جمهوري پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر جويو ته جبري گمشدگين جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ڪامريڊ سينگار پورهيت دوست اڳواڻ آهي، کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو آهي، پر اهي ياد رکن ته فتح هميشه عوام جي ئي ٿيندي، سو هن ويڙهه اسين سڀ سوڀارا ٿينداسين.جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ هاشم کوسو چيو ته عوام دوست اڳواڻ ڪامريڊ سينگار کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي نندا ڪيون ٿا، جبري گمشدگين وارو عمل نه رڳو هاڻي جو آهي پر ڀٽي جي دور ۽ ان کان اڳ جو آهي، جيڪو اڃا تائين هلندو رهي ٿو. اسان مطالبو ٿا ڪيون ته اهو سلسلو جلد کان جلد بند ڪيو وڃي ۽ سينگار نوناري سميت ٻين سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.ڌرڻي ۾ ڪامريڊ سينگار جي آزادي لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.