نواب شاهه ۾ قومي اسيرن جي آزادي ۽ بحريا خلاف ريلي، ڌرڻو

نواب شاهه (رپورٽ اڪرم چانڊيو) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايس يو پي جي سيد زين شاهه ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي، سندن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ بحريا ٽائون منصوبي خلاف جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، پنھل ساريو، فقير امداد منگي، علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو، بعد ۾ نوابشاھ پريس ڪلب ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جسقم ھميشه عدم تشدد واري سياست تي يقين رکي ٿي، بحريا ٽائون منصوبو سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو منصوبو آھي جنھن جي خلاف 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڌرڻو ھنيو جتي رياست پاڻ مرادو ڊرامو ڪري بحريا ٽائون جو گيٽ ساڙي دھشتگردي جا ڪيس جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين مٿان داخل ڪيا ويا جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته اڄ اسان آصف علي زرداري جي شھر اچي کيس ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته تون ملڪ رياض جو ساٿاري بڻجي سنڌ وڪرو ڪرڻ چاھين ٿو ليڪن اسان سنڌ کي ڪڏهن به وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ رياض جي ونگار وھندي جسقم جي پوري قيادت کي گرفتار ڪرايو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته حڪمران صنعان خان ۽ ان جي ساٿين جي ضمانتن ۾ رخنو وجھي رھيا آھن ۽ پوليس انتظاميا پورا ڪاغذ عدالت ۾ پيش نه پئي ڪري ھنن چيو ته اسان حڪمرانن جي اھڙي عمل خلاف عيد ڏھاڙي عيد گاھن ٻاھران پلي ڪارڊ کڻي بحريا ٽائون ۽ قومي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف احتجاج ڪنداسين ھنن چيو ته اسان حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته اسين پنھنجي جدوجھد تان ڪنھن به صورت ۾ نه ھٺنداسين سنڌ جي والار خلاف جاري احتجاج جاري رھندو ھنن مطالبو ڪيو ته صنعان خان قريشي ۽ ٻي مرڪزي قيادت مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.