صنعان قريشي ۽ مرڪزي قيادت جي آزادي لاءِ  مختلف شهرن ۾ جسقم جا مظاهرا

ڪراچي /حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين ، مرڪزي قيادت ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا يا، ان ڏس ۾ نمائندن مليل رپورٽن موجب کهڙا ۾ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪنن ڪامريڊ محمد علي اڄڻ. سيف سومري. عدنان علي سومري. نور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڏوڪري ۾ جسقم ضلعي اڳواڻ رڪ سنڌي، ايم پي ڀان، ارشاد ٻگهيو، نجيب ﷲ سمون، سرفراز بروهي، مرتضي شاھ، شيراز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ميرپور ماٿيلي ۾ جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر فقير رمضان ڪلوڙ، جسم اڳواڻ ڪمال مھر، جساف جي وحيد سنڌي، ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، جسقم يونٽ خانواهڻ   جي اڳواڻن  فقير سڌير تنيو ، سکيل تنيو ، نثارعباسي ، صدام منگي ، محمد ايوب سهتي۽ ٻين احتجاج ڪيو جڏهن ته  ٽنڊوآدم ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي الھداد مري، شبير ڪوريجو، سهيل بلوچ  ۽ ٻين اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو  ان  موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي. مرڪزي قيادت ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي ۾ سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون انتظاميان رنڊڪ وجهي رهي آھي انهن چيو ته جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي سميت گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪري سندن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.