ٺري ميرواهه ڀرسان نينگر تي ڪتن جي بڇ، مرڻينگ

ٺري ميرواهه (رپورٽ: ايم صالح شر)ڳوٺ پيرل خاصخيلي ۾ هنياءُ ڏاريندڙ واقعو، 10 ورهين جي نينگر تي ڳوٺاڻن ڪتا بڇي زخمي ڪرائيڇڏيو ،معصوم دانهون ڪندو رهيو پر  ڪتا بڇيندڙ تماشو ڏسندا رهيا  زخمي کي اسپتال آندو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان موقعي تي والدين جو چوڻ آهي ته بنا  ڪنهن سبب جي بااثر جوابدارن  منهنجي پٽ 10 ورهين جي ساگر ولد شهزادو مٿان ڪتا بڇيا آهن جڏهن ته ڪتن ساگر کي ڏاڙهي مرڻينگ  ڪري ڇڏيو آهي زخمي ساگر کي علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواهه آندو ويو، ٻئي طرف ميرواهه ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو جوابدار بااثر هجڻ ڪري  پوليس هن مهل تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، اعلى اختيارين آءِ  جي سنڌ ، ڊي آئي جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.