داسو واقعو، چيني ڪمپني جو پاڪستاني ملازم ڪڍڻ جو فيصلو واپس

اسلام آباد (م ڊ) داسو واقعي کانپوءِ چيني ڪمپني فارغ ڪيل سڀني پاڪستاني ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو. واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته داسو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني پاڪستاني ملازمن کي ڪڍڻ جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي. واپڊا ترجمان موجب واقعي کانپوءِ سول انتظاميا، واپڊا ۽ چيني ڪمپني ان معاملي تي گڏيل مشاورت ڪئي، جنهن کانپوءِ اڏاوتي ڪم ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو هو، چيني ڪمپني تمام جلد داسو پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم ٻيهر شروع ڪندي. ترجمان ٻڌايو ته پراجيڪٽ تي ڪم جي بندش جو مقصد حفاظتي قدمن کي نئين سر منظم ڪرڻ هو، ان دوران واپڊا چيني ڪمپني جي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهي. پڌرائيءَ موجب واپڊا جي ڪوششن جو مقصد داسو پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم جي جلد بحالي هو.ني چائنا گيزوبا پاڪستاني حڪومت کي خط لکي موقف اختيار ڪيو هو ته واقعي سبب ڪم نٿا ڪري سگهون ۽ سڀني پاڪستاني ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين جي اڏاوتي ڪمپني پنهنجي گذريل نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي ۽ پاڪستاني ورڪرز کي ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته داسو پراجيڪٽ تي تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿي ويندو، پاڪستان ۽ چين داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

افغان سفير جي ڌيءَ گهران  پنڌ نڪتي، گهرو وزير پاران 48 ڪلاڪن ۾معاملو حل ڪرڻ جي دعويٰ

اسلام آباد (م ڊ ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءُ جو ڪيس 72 ڪلاڪن ۾ حل ٿي ويندو، اغوا، تشدد ۽ ڌمڪين جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪوهسار ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 365، 354 ۽ ٻيا قلم لڳايا ويا آهن. اميد آهي ته جوابدارن کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويندو، شيخ رشيد ٻڌايو ته اسان وٽ سيف سٽي ڪيمرائن جو رڪارڊ آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته افغان سفير جي ڌيءَ گهر مان پنڌ نڪتي ۽ اسلام آباد جي کڏا مارڪيٽ تائين ٽيڪسي ۾ آئي ۽ اتان کان هن هڪ ٻي ٽيڪسي ورتي ۽ فوٽيج موجب هو راولپنڊي وئي، راولپنڊي وڃڻ کان پوءِ اتان کان دامن ڪوهه پهتي،  واقعي کان پوءِ ڇوڪري پهرين نجي اسپتال وئي ۽ ان کان پوءِ پمز اسپتال وئي،  ان جو کڏا مارڪيٽ کان پنڊي وڃڻ وڊيو ۾ موجود آهي پر راولپنڊي کان دامن ڪوهه پهچڻ جي خبر نه پئي پئجي سگهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.اسان وٽ ٽنهي ٽيڪسي ڊرائيورن جا انٽرويو موجود آهن جيئن جيئن جاچ ٿي رهي آهي ڪڙيون ملي رهيون آهن، ڀارت ان معاملي کي ڏاڍو کنيو، ڀارت جون سڀ ڪوششون ناڪام بڻائينداسين ۽ معاملو دنيا سامهون آڻينداسين، داسو واقعي جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته چين سان گڏجي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، سي پيڪ ۽ داسو سميت سڀني منصوبن تي ڪم جاري رهندو، چيني حڪومت ڄاڻي ٿي ته پاڪتسان پنهنجي ذميواري نڀائي رهيو آهي، چين پاڪستاني ايجنسين کي ساراهيو به آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.