نواز شريف کي مائنس چوندڙ ناڪام، ڪشميرين نوٽ ۽ بوٽ کي رد ڪري ڇڏيو: مريم نواز

باغ/ڌير ڪوٽ( م ڊ)  ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته  نواز شريف جي سياست مائنس ڪندڙ ناڪام ٿي ويا. ڪشميرين نوٽ ۽ بوٽ کي رد ڪري ڇڏيو . 25 جولاءِ تي ن ليگ جي فتح ٿيندي، آزاد ڪشمير جي علائقي ڌير ڪوٽ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته خوشي آهي ته نواز شريف جي قرباني ضايع ناهي وئي، جتي ويندي آهيان صرف هڪ آواز ايندو آهي اهو آهي نواز شريف، هن چيو آهي ته 5 سالن کان ٻڌي رهي آهيان ته نواز شريف کي مائنس ڪري ڇڏينداسين، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا آزاد ڪشمير اچي ڏسن، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪالهه هڪ سيليڪٽڊ باغ آزاد ڪشمير ۾ جلسو ڪرڻ آيو هو، هي ڪالهه وارو جلسو نه ڪن ها شايد ڀرم رهجي وڃي ها، سليڪٽڊ جو جلسو ناڪام هو،جنهن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا، هن چيو آهي ته ڪالهه آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري خرچ تي ووٽ گهرڻ آيا هئا، هنن باغ آزاد ڪشمير ۾ پيسا ٺاهيندڙ نئين مشين ڳولي آهي، هنن سوچيو هو ته نئين اي ٽي ايم ماڻهن کي پيسا ڏئي گڏ ڪندي، باغ ۾ ان شخص کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي جنهن جو  پي ٽي آءِ سان  نه پر نوٽ سان واسطو آهي. عوام نوٽ ۽ بوٽ کي رد ڪري ڇڏيو. ياد رکو توهان جي ٻن سيٽن جي اوقات هئي، اڄ به اها ئي آهي، نواز شريف وٽ ڪا اي ٽي ايم ناهي، ڪراچي کان خيبر تائين هر جڳهه عوام توکي رد ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته عوام کان ووٽ وٺندڙ سليڪٽڊ عوام جي ٽيڪس جو پئسو هيلي ڪاپٽر ۾ ڦوڪي آيو پر سرڪاري ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود هن کي ڪشمير جي عوام رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي کان خيبر تائين هر جاءِ تي توهان کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.مريم نواز چيو ته هي چونڊون نه انقلاب آهي، 25 جولاءِ ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ ووٽ تي پهرو ڏيڻ جو وقت آهي، عوام ووٽ چوري ڪندڙ کي نه ڇڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.