شاهه محمود ۽ چيني سفير طرفان داسو واقعي ۾ زخمين جي عيادت

راولپنڊي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چيني سفير نونگ رونگ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) راولپنڊي جو دورو ڪري داسو واقعي ۾ زخمي چيني شهرين جي عيادت ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب پرڏيهي وزير زخمي چيني شهرين کي هر ممڪن طبي سهولتن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين ۽ پاڪستان ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جاري رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.