افغانستان پاڪستان مان سفير ۽ سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو

ڪابل (م ڊ ) افغان حڪومت پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل سميت سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو.افغان پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ افغان سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي کي ڪابل واپس گهرايو ويو آهي.افغان پرڏيهي وزارت موجب افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا معاملي تي افغان صدر پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل سميت سفارتي عملي کي واپس گهرايو آهي، افغان سفير ۽ سفارتي عملي کي سيڪيورٽي جي معاملي تي واپس گهرايو ويو.افغان پرڏيهي وزارت ٻڌايو آهي ته افغان سفارتڪارن جي سڪيورٽي  بابت خدشن تائين عملي کي واپس گهرايو ويو آهي، افغانستان جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.افغان حڪومت مطالبو ڪيو آهي ته افغان سفير جي ڌي کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي، واضح رهي ته اسلام آباد ۾ 16 جولاءِ تي افغان سفير جي ڌيءَ جي مبينا اغوا ۽ تشدد جو معاملو سامهون آيو هو.وزير اعظم عمران خان 48 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.