ڪوٽڏيجي : 15 وهين جي منيشا جي اغوا خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءَ الله بگٽي ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ٽنڊو شاھه واسي هندو(ميگھواڙ) برادري جي 15 سالن جي ناري منيشا ڪماري ڌيءَ رانجهن مينگهواڙ جي مبينا اغوا خلاف ميگهواڙ برادري سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو پريس ڪلب ڪوٽڏيجي اڳيان قومي شاهراهه تي روڊ بلاڪ ڪري مبينا طور اغوا ٿيل ناري منيشا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي اس ۾ ويهي رهيا، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مکي تيرٿ مل رانجهن مل ونود مل ۽ شهري اڳواڻ نظام الدين ڀٽو شمشاد آرائين ٻڌايو ته غربت سبب نياڻي منيشا ڪماري ڪافي عرصي کان ڇونهارا فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ فيڪٽري مئنيجر شاهد ميمڻ هٿياربندن ساڻ ڪري هٿيار  جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو گهر اندر داخل ٿي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جي نياڻي بازياب نه ڪرائي ويندي تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو هنن وڏي وزير،  آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد اغوا ٿيل نياڻي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين هوڏانهن احتجاجي ڌرڻي دوران سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ڪيترائي مسافر سخت گرمي ۾ روڊ کلڻ جي انتظار ۾ نٽهڻ  اس ۾ بيٺل رهيا هوڏانهن هندو اڳواڻ ۽ ن ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني اغوا ڄاڻايل ناري منيشا ڪماري جي وارثن سان رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي سکر سان رابطو ڪري کيس ٻڌايو ته هندو ناري جي اغوا تي اقليتي برادري ۾ بيچيني پکڙيل آهي  منيشا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائي اقليتي برادري جي بيچيني ختم ڪئي وڃي  جڏهن ته هندو اڳواڻ ۽  ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني عوامي آواز سان رابطو ڪري ٻڌايو ته مبينا اغوا ٿيل هندو ناري جي معاملي  تي ڊي آءِ جي سکر سان رابطو ڪيو آهي جنهن يقين ڪرايو ته اغوا ٿيل ناري منيشا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، جڏهن ته  قومي اسيمبلي ۾ پڻ آواز  اٿاريو ويندو هن  عوامي آواز ميڊيا گروپ جي پڻ هن ساراهه ڪئي  هوڏانهن مبينا اغوا ٿيل ناري منيشا ڪماري ٺيڙهي واسي نوجوان شاهد ميمڻ سان ڪراچي جي مدرسي جامعيه اسلاميه ۾ اسلام قبولڻ بعد ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، منيشا ڪماري جو اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ  سندس اسلامي نالو  فاطمه رکيو ويو آهي، جنهن جون ڪاپيون پڻ عوامي آواز کي هٿ اچي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.