روهڙي ڪئنال مان 10 ورهين جي نينگر جو پير ٻڌل لاش هٿ، قتل جو الزام

خيرپور (رپورٽ :مختيار ڦلپوٽو/ شاهد نواز سيال ) خيرپور ڀرسان شاهه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو جي رهواسي 10 سالن جي نينگر اويس احمد پٽ شاهنوازڪلهوڙوجو لاش ڳوٺ ڀرسان روهڙي ڪئنال مان مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٻڏي وڃڻ واري واقعي جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڪڍرايو ويو، لاش جڏهن ٻاهر ڪڍيو ويوته سندس پير مڇيءَ مارڻ جي ڏوري سان ٻڌل هئا،اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي شاهه حسين تي ڏنو ويو،جنهن کان پوءِ پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو۽ نينگر جو  ڏور  سان ٻڌل لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال خيرپور آندو ويو. ان موقعي تي اخبار وارن سان ڳالهائيندي نينگر جي والد شاهنواز ڪلهوڙو ٻڌايو ته سندس معصوم پٽ ٻڏي فوت نه ٿيو آهي پر پٽ کي پهريان وحشياڻو تشدد ڪري سندس هٿ پير ٻڌي لاش کي روهڙي ڪئنال ۾ اڇلايو ويو، هن الزام مڙهيو ته اهڙي واقعي ۾ سندس ئي ڳوٺ جا اسامه ۽ اڪرام الله پٽ عيسيٰ ڪلهوڙو ملوث آهن،جن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي،هن چيو ته منهنجي پٽ کي وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري مان پنهنجي پٽ جي قتل جي فرياد اسامه ۽ اڪرم الله ڪلهوڙو خلاف داخل ڪرائيندس ،هوڏانهن خبر موڪلڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ،جنهن بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنهن ۾ مٽن مائٽن سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،مرحوم جو لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، جڏهن ته تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.