مبارڪپور ڀرسان مڙس هٿان ڏنڊا هڻي زال قتل

مبارڪپور  ( رپورٽ: انور علي شاهه) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد  ڳوٺ بگن ٻرڙو ۾ گذريل رات دير سان  جوابدار عبدالرزاق ٻرڙو پاران پنهنجي زال 3 ٻارڙن جي ماءُ  اجمير خاتون کي گهرو اڻبڻت تان  ڏنڊا  هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، قتل ٿيل عورت جو لاش وارث ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي آندو.جتي ميرپورٻرڙو پوليس عورت جي مڙهه کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ تعلقي اسپتال کڻي ويا، جتي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ تي مڙهه کي جيڪب آباد اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته  ميرپور ٻرڙو پوليس قتل ٿيل عورت جي ڀاءُ اعتبار ٻرڙو جي فرياد  تي 3 جوابدارن  لونگ، ٻرڙو . عبدالحئي ٻرڙو ۽،  عبدالرزاق ٻرڙو مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،  پوليس هڪ جوابدار عبدالرزاق ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي پنهنجي مڙس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، جڏهن ته  ميرپور ٻرڙو پوليس موجب عورت کي مڙس گهرو اڻبڻت تان قتل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.