سنڌ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ لاءِ پاڻي نه مليوته سنڌ ۾ وڏي تباهي ايندي; سهيل انور سيال

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ جي ٽن ضلعن جون زرعي زمينون سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، جيڪڏهن. سنڌ کي قانون موجب پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي جيڪو سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي هلندڙ چوماسي برساتن دوران سنڌ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ اچي سگھي ٿي، ايل بي او ڊي کي بهتر بنائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان 10 ارب روپيا گھريا آهن جن جي ملڻ سان ايل بي او ڊي جي رٿا کي بهتر ڪري سگھجي ٿو اهڙو اظهار هن امڪاني چوماسي برساتن جي نقصانن کان بچڻ ۽ اڳواٽ انتظامن جي حوالي سان منعقد ڪيل اجلاس دوران ڪيو هن چيو ته گذريل برساتن دوران ميرپورخاص ڊويزن 10 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو هو جنهن ۾ وفاقي حڪومت پاران ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي ويئي هن چيو ته هن وقت پنجاب ۾ پنجاب جي دريائن ۾ سيلابي صورتحال آهي  پر ان باوجود سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هلي رهي آهي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي باوجود پنجاب مختلف ڪئنالن ذريعي سنڌو درياءُ مان پاڻي کڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن پاڻي جي رڪارڊ مطابق پنجاب هن وقت انڊ رور سسٽم مان 57 سيڪڙو پاڻي حاصل ڪري رهيو آهي هن چيو ته پاڻي جي رڪارڊ موجب سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ضروري آهي جڏهن ته مشرف دور ۾ پاڻي جي عالمي ماهرن جي ذريعي ڪرايل اسٽيڊي ۾ ساڍا ٽي ملين ايڪڙ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويئي هئي انهي ڪري اسين چئون ٿا ته جيڪڏهن 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇوڙ نه ٿو ڪري سگھجي ته عالمي ماهرن جي سفارش موجب گھٽ ۾ گھٽ ساڍا ٽي ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ته ڏنو وڃي هن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن جي سنڌڙي عمرڪوٽ وارن علائقن ۾ جتي پاڻي جو قدرتي گذرگاهون ناهن انهن علائقن ۾ جيستائين سم نالا تعمير نه ٿا ٿين ان وقت تائين گذريل سال جي برساتن جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيل رستن کي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي نقصان کان بچائي سگهجي ان موقعي تي ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجاز شاهه، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال يريا بورڊ، ٽنهي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ واسطيدار ڪامورا وجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.