اکين جي چوڌاري ڪاراڻ ختم ڪرڻ جو سولو طريقو

 

سُهڻيون اکيون سڀ ڪنهن جي پسند هونديون آهن پر اکين جي چوڌاري ڪاراڻ چهري جي رونق مُرجهائي ڇڏي ٿي.

اکين جي چوڌاري ڪاراڻ کي ماڻهو ڪمزوري، وڏي عمر ۽ بيماري جي علامت سمجهندا آهن ۽ اهڙا جملا ٻڌي متاثر شخص پريشان ٿي ويندو آهي پر هاڻ ڪنهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

جيڪڏهن توهان سان به اهو مسئلو آهي ته اسان جي ڏسيل نُسخي تي عمل ڪري ان مان سولائيءَ سان جان ڇڏائي سگهو ٿا.

طريقو: اڌ ڪچي پٽاٽي کي اکين جي دائرن تي چڱي ريت مهٽڻ سان ڪاراڻ کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ان سان گڏوگڏ پٽاٽي جي رَسُ لڳائڻ سان به اکين جا ڪارا چُٽا يا اکين جي دائرن جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.