افغانين جي لوڌ کي ڪيئن روڪجي؟ سنڌ حڪومت سياسي جماعتن کان مدد گهري ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه افغان پناهگيرن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم، پي ايس پي ۽ جماعت اسلامي کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته افغانستان ۾ حالتون خطرناڪ آهن، مان ايم ڪيو ايم، پي ايس پي ۽ جماعت اسلامي سان مخاطب آهيان.

هن چيو ته ڪراچي ۾ وري افغان پناهگيرن جي لوڌ اچڻ واري آهي، ان کي ڪيئن روڪيو وڃي؟ سنڌ تي دٻاءُ اچڻ وارو آهي، اچو گڏجي ڳالهايون.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻينداسين، ڌانڌلي جي سياست نه هلندي، ٻوري بند لاشن جو دور ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.