ٿري ڊي پرنٽر مان ڇپيل دنيا جي پهرين پُل جو افتتاح

 

ايمسٽرڊيم (ويب ڊيسڪ) ايمسٽرڊيم ۾ هڪ روبوٽ ”ربن“ ڪٽي دنيا جي سڀ کان پهرين ٿري ڊي پرنٽر مان ڇپيل فولادي پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

اها پل پنڌ هلڻ وارن جي لاءِ ٺاهي وئي آهي، جنهن جي ڊيگهه چاليهه فوٽ آهي ۽ اها ڇهه ٽن وزني آهي.

هڪ ننڍي واهه تي ٺاهيل ان پل جي افتتاحي تقريب ۾ هالينڊ جي راڻي ميڪسيما کي خاص دعوت ڏني ڏني وئي هئ.

پل جو افتتاح ڪرڻ لاءِ راڻي ميڪسيما هڪ بٽڻ دٻائي روبوٽڪ ٻانهن کي حرڪت ۾ آندو، جنهن ٻن قينچين جي مدد سان افتتاحي ربن ڪٽي پل کي عوام جي لاءِ کولي ڇڏيو.

اها پل هالينڊ جي ڪمپني ايم ايڪس ٿري ڊي (MX3D) پنهنجي ورڪشاپ ۾ ٿري ڊي پرنٽنگ جي پنهنجي جديد ترين ٽيڪنڪ استعمال ڪندي تيار ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.