”اڄڪلهه سوشل ميڊيا فالوئنگ ڏسي اداڪارائن کي کنيو ويندو آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته انڊسٽري ۾ ماڻهن کي رڳو ان ڪري اداڪارائن کي اهميت ڏيندي ڏسندو آهيان، ڇو ته انهن جا سوشل ميڊيا تي گهڻا فالوئر آهن.

هڪ انٽرويو ۾ فيصل قريشي چيو ته جيڪو ڪجهه اسان جي معاشري ۾ ٿي رهيو آهي، ان جو عڪس اسان جي ڊرامن ۾ به ايندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ رنگ، معمولي سونهن ۽ گهٽ سوشل ميڊيا فالوئنگ سبب ڪيترائي سٺا اداڪار ضايع ٿي ويندا آهن، اسان کي سٺن اداڪارن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته مون کي ڪجهه شيون ڏسي تڪليف ٿيندي آهي، انهن ماڻهن لاءِ ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي صلاحيتن موجب وڏي مقام جا حقدار آهن پر انهن کي ننڍا ڪردار ڏئي ضايع ڪيو ويندو آهي، اداڪارائن کي ڊرامن ۾ سوشل ميڊيا فالوئنگ جي حساب سان کنيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.