ڀارت ۾ طوفاني برسات، گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تيز برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڀارتي شهر ممبئي جي ڀرپاسي ۾ ٻه گهر پٽ پئجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

مقامي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ امدادي ڪارڪن دٻجي ويلن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ اختيارين وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ممبئي ۾ تيز برساتن سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، جڏهن ته لوڪل ٽرين سروس به سخت متاثر ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.