کهڙا، ميرپورخاص، ميرپور بٺورو، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڪوٽڙي جون خبرون

کهڙا: جسقم چيئرمين سميت اڳواڻن جي گرفتارين خلاف احتجاج، مظاهرو

ميرپورخاص:حيسڪو عملدارن جي زيادتين خلاف شهرين جو مظاهرو، ڌرڻو

ميرپوربٺورو:جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سڏ تي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڪوٽ غلام محمد: آزاد اميدوار شجاع محمد شاهه پاران واٽر پلانٽس جو افتتاح

ڪوٽڙي: سي آءِ اي پوليس ڄامشورو جي موبائيل تي ڇاپو،چرس هٿ

1

کهڙا ۾ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء جسقم ڪارڪنن پاران ڪامريڊ محمد علي اڄڻ. سيف سومري. عدنان علي سومري. نور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي قيادت ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي ۾ سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون انتظاميان رنڊڪ وجهي رهي آھي ،هنن مطالبو ڪيو ته اڳواڻن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.

2

ميرپور خاص ۾ حيسڪو عملدارن جي مسلسل ناجائزين ۽ سخت شديد گرميءَ ۾ بجلي سھولت نه هئڻ خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا ، احتجاج سبب ميرپورخاص جرواري کان مين  عمرڪوٽ رنگ  روڊ ڏيڍ ڪلاڪ کان بند رهيو ، ملڪ رياض ڪالوني جي رهواسين پاران روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھ ڏئي ڪري واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،رهواسين نظير والا ، سمير آرائين ، عامر آرائين ۽ اصغر آرائين پاران واپڊا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، محمود آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او نظير ھاليپوٽو  احتجاج واري هنڌ پھچي ويو جڏهن ته واپڊا انتظاميه پاران ڪو به نه آيو ، علائقي واسين جو چوڻ هو ته انهن جو ٽرانسفارمر 20 ڏينهن کان سڙيل آھي واپڊا وارا ٽرانسفارمر کڻي ويا آهن پر اڃا تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽرانسفارمر ٺيڪ ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي.

3

جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سڏ تي ميرپور بٺورو لڳ ڄار ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قومي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي علائقي واسي بشير ميراڻي، سوڍل ميراڻي ،اياز ميراڻي، جميل ملاح، غلام رسول چنداڻي، اسماعيل کاڙڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميرپور بٺورو جي شاخن ۾ هٿرادو پاڻي جي وارابندي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ميرپور بٺورو جي سڀني شاخن کي بنا ڪنهن وارا بندي جي پاڻي ڏنو وڃي.

4

ڪوٽ غلام محمد  ۾ پي،ايس 49 جي آزاد اميدوار سيد شجاع محمد شاھ پاران شهر جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏيڻ لاء ٽي واٽر فلٽر پلانٽ لڳايا ويا جن جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد سيد شجاع محمد شاھ اڄ ڪوٽ غلام محمد قافلي جي صورت ۾ پھچي افتتاح ڪيو، واٽر فلٽر پلانٽ شھر جي ھائي اسڪول ،جامع مسجد پاڙي سميت مڪه مسجد ڀرسان لڳايا ويا آهن ،افتتاح کانپوءِ ڳالهائيندي شجاع محمد شاهه چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان پي،ايس 49 مان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين ته جيئن ھتي جي عوام کي بنيادي سھولتون ڏياري سگھجن .

5

سي آء اي پوليس ڄامشورو جي ھڪ پوليس موبائيل تي ڪراچي ۾ چيڪنگ دوران رينجرز پاران ڇاپو هنيو ويو، ڇاپي دوران پوليس  موبائيل  مان وڏي مقدار ۾ چرس ھٿ اچڻ جا اطلاع آهن ، ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سي آء اي سينٽر کي سيل ڪري عملي کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو جڏھن ته پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ان معاملي جي جانچ ڪرڻ لاء چار رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آھي ، ٻئي پاسي ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ ۽ ڊي ايس پي ڪوٽڙي غلام شبير سرڪي سان مسلسل رابطو ڪيو ويو پر انھن فون اٽينڊ نه  ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.