افغان سفير جي ڌيءَ تي حملي کانپوءِ شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: احسن اقبال

 

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ تي حملي کانپوءِ شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

نارووال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڄ بدقسمتي سان پاڪستان جي سڀني سيڪيورٽي ادارن کي پوليٽيڪل ٽاسڪ ڏنا ويا آهن، اڳ ۾ سيڪيورٽي ادارن کي چيو ويو ته گلگت بلتستان چونڊون کٽي ڏيو، هاڻ سيڪيورٽي ادارن کي آزاد ڪشمير چونڊن ڏانهن موڙيو ويو آهي.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ آءِ بي دهشتگردي خلاف وڏيون خدمتون انجام ڏنيون، اڄ سڄي آءِ بي کي سياسي مخالفن خلاف ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته افغان سفير جي ڌيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪيان ٿو، افغان سفير جي ڌيءَ تي حملي تي گهرو وزير کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.