ڪلوئي، ميهڙ، قمبر ۽ سوڀيديري جون خبرون

ڪلوئي: ايل بي او ڊي جا بند نه ٻڌجڻ خلاف مقامي رهواسين جو احتجاج

ميهڙ:پيپلز پارٽي جي سڏ تي امين گنڊاپوري خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۽ چوري جي واداتن خلاف مظاهرو ۽ ڌرڻو

سوڀو ديرو: 2 مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

 

1

ڪلوئي ۾ ايل بي او ڊي جا بند نه ٻڌجڻ خلاف مقامي رهواسين پاران سم نالي جي ڪپ تي بينر هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي مقامي ماڻهن رمضان لنڊ ، عبدالقيوم لنجو ،سومجي ڪولهي ،نارائڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايل بي او ڊي سم نالي جي کوٽائي نالي ماتر ڪري ڪاغذي ڪارروائي ڪئي وڃي پئي، هنن مطالبو ڪيو ته ايل بي او ڊي جي صفائي کاٽي جي مد ۾آيل ست ارب ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي، رهواسين سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته 2011 واري مها ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين سم نالي جا ڪنارا نه ٻڌا ويا آهن ، جنهن سبب هر سال سم نالي کي برساتن ۾ گهارا پون ٿا، ۽ اسان جا فصل ۽ گهر ٻڏي وڃن ٿا، جلد ڪپر ٻڌايا وڃن.

2

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف وفاقي وزير امين گنڊاپوري پاران استعمال ڪيل ٻولي خلاف پ پ پ سنڌ جي سڏ تي احتجاج  ڪيو ويو، ڪارڪنن  جمالي هائوس کان پريس ڪلب دادو تائين ريلي ڪڍي ، ان موقعي تي رئيس غلام شبير ابڙو، ممتاز علي جوکيو ، علي اڪبر کوسو،جميل مهيسر ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي وفاقي وزير امين گنڊاپوري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

03

قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني چورين ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف ايس ٽي پي ۽ مغيري برداري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي شهدا چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ،ان موقعي تي اڳواڻن الله بخش جاگيراڻي منظور مغيري راهب مغيري ۽ ٻين چيو ته پوليس کاتو اگھور ننڊ ستل آهي ۽ شهر ڦورن حوالي ٿي چڪو آهي هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن محلي مان موٽر سائيڪلون چور ڪاهي وڃن ٿا ، هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته چوري ڪيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

4

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ نواڙو شريف جي رھواسين سيد ليمن شاھ غلام شبير شاھ ڪامل شاھ يقين شاهه ۽ ٻين پاران ٻه مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان سجاد چنڊي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سوڀوديرو نواڙو روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو،  ان موقعي تي متاثرن جو چوڻ هو ته ٻه مھينا اڳ مقتول سجاد چنڊي کي پراسرار نموني قتل ڪري نواڙو شھر جي ڳتيل آبادي جي وچ ۾ ھڪ ڦٽل اوطاق ۾ لاش ڦٽو ڪيو ويو مقتول جي وارثن بيگناھ ڳوٺ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪرائي سوڀوديرو ٿاڻي ۾ تشدد ڪرايو پر ڪابه ثابتي پوليس کي نه ملي،پوليس اصل قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري ،ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول سجاد چنڊي جا اصل قاتل گرفتار ڪري بي گناھ گرفتار ٿيل محسن شاھ ۽ صدام ڪمبوھيو کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.