ن ليگ جو اليڪشن ڪميشن کان وزيراعظم خلاف ڪارروائي جو مطالبو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر کان وزيراعظم عمران خان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پاڻ کي هر قانون ۽ ضابطي کان مٿانهون سمجهي ٿو، آئين تحت خود مختيار ادارن، اليڪشن ڪميشن ۽ رياستي ادارن کي نٿو ڀانئي، جنهن جو عملي مظاهرو هن گذريل ڏينهن ڪيو.

هن چيو ته جنهن وزير کي اليڪشن ڪميشن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو، عمران خان ان کي ئي هيلي ڪاپٽر ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويو، هن قانوني حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اليڪشن ڪميشن کي چئلينج ڪيو آهي، اهو رويو عمران خان جي مجرماڻي ذهنيت جو ثبوت آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان اڳ ۾ گار گند جي برگيڊ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير موڪليو، نوٽ نه هليا ته گولي هلائي، ڊسڪا واري ووٽ چوري جي حربن جو جواب آزاد ڪشمير جو عوام ڊسڪا جي عوام جيان ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.