قرنطينه سينٽر ۾ مقرر پوليس اهلڪار وڙهي پيا، فائرنگ ۾ ٻه اجل جو شڪار

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي هڪ قرنطينه سينٽر ۾ پوليس اهلڪارن جهيڙي دوران فائرنگ سبب هڪ اهلڪار مارجي ويا.

پوليس اختيارين موجب قرنطينه سينٽر ۾ مقرر پوليس اهلڪارن جو ڪنهن ڳالهه تي پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين فائرنگ ڪري ڏني.

اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويا، واقعي کانپوءِ هڪ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس ذريعن موجب لاشن جي سڃاڻپ اي ايس آءِ گل رحمان ۽ عمران عرف ڊاڪٽر جي نالن سان ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.