پاڪستان ۽ چين داسو سميت ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن: پرڏيهي ترجمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين جي اڏاوتي ڪمپني پنهنجي گذريل نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي ۽ پاڪستاني ورڪرز کي ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي.

ترجمان موجب داسو تي ڪم ڪندڙن جي حفاظت ۽ تعمير جي معاملن کي ڏٺو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ۽ چين جون اختياريون ويجهي رابطي ۾ آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته داسو پراجيڪٽ تي تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿي ويندو، پاڪستان ۽ چين داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.