افغان سفير جي ڌيءَ جو ڪيس 72 ڪلاڪن ۾ حل ڪيو ويندو: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءُ جو ڪيس 72 ڪلاڪن ۾ حل ٿي ويندو، اغوا، تشدد ۽ ڌمڪين جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ٽيڪسي ڊرائيورن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج اسان وٽ موجود آهن، هوءَ پنڊي کان واپسي تي گهر وڃي پئي سگهي پر ايف نائن وئي، ڀارت ان معاملي کي ڏاڍو کنيو، ڀارت جون سڀ ڪوششون ناڪام بڻائينداسين ۽ معاملو دنيا سامهون آڻينداسين.

داسو واقعي جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته چين سان گڏجي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، سي پيڪ ۽ داسو سميت سڀني منصوبن تي ڪم جاري رهندو، چيني حڪومت ڄاڻي ٿي ته پاڪتسان پنهنجي ذميواري نڀائي رهيو آهي، چين پاڪستاني ايجنسين کي ساراهيو به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.