ملڪ ۾ ڪورونا جا حملا جاري، وڌيڪ 21 فوت، 2607 نوان مريض

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 21 انساني زندگيون ڳڙڪائي ويو، جڏهن ته 2607 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2607 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 89 هزار 275 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.34 سيڪڙو رهي.

اهڙي ريت وڌيڪ 21 ڄڻن جي لاڏاڻي کانپوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 22 هزار 781 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 834 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 9 لک 19 هزار 163 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 47 هزار 331 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.