”مائنس جون ڳالهيون ڪندڙ ڏسي ڇڏين ته نواز شريف پلس ٿي رهيو آهي“

 

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مائنس جون ڳالهيون ڪندڙ ڏسي ڇڏين ته نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ پلس ٿي رهيو آهي.

ڌير ڪوٽ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هر پاسي نواز شريف جي گونج آهي، آزاد ڪشمير ن ليگ جو ساٿ ڏئي تاريخ لکي، مون کي خوشي آهي ته نواز شريف جون قربانيون رنگ لائي رهيون آهن، مائنس جون ڳالهيون ڪندڙ ڏسي ڇڏين ته نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڏينهون ڏينهن پلس ۽ پلس ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته سليڪٽڊ ڪالهه سرڪاري جلسي ۾ آيو هو، هن باغ ۾ جلسو رڳو ان لاءِ رکيو ته اتي ان جي اميدوار جو پري پري تائين تحريڪ انصاف سان ڪو واسطو ناهي، اهو اميدوار رڳو هڪ اي ٽي ايم مشين آهي ۽ عمران خان غريبن وٽ نه رڳو پئسي وارن وٽ ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته عوام کان ووٽ وٺندڙ سليڪٽڊ عوام جي ٽيڪس جو پئسو هيلي ڪاپٽر ۾ ڦوڪي آيو پر سرڪاري ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود هن کي ڪشمير جي عوام رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي کان خيبر تائين هر جاءِ تي توهان کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

مريم نواز چيو ته هي چونڊون نه انقلاب آهي، 25 جولاءِ ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ ووٽ تي پهرو ڏيڻ جو وقت آهي، عوام ووٽ چوري ڪندڙ کي نه ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.