نيب حملو ڪيس:ولي جکراڻي ۽ ٻيا جيل حوالي

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ نيب عملدارن کي يرغمال بڻائڻ ۽ تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين  جکراڻي جي سئوٽ مير ولي خان جکراڻي ۽ پ پ پ اڳواڻن ديدار جکراڻي، سجاد مستوئي، جاويد بروهي، ارسلان لاشاري، عابد ڀٽي کي جيڪب آباد ۾ امتياز لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت  سڳوري سڀني گرفتار ٿيلن کي ڊسٽرڪٽ جيل اماڻي ڇڏيو ياد رهي ته نيب ٽيم تي حملي جي الزام ۾ گرفتار ٿيلن بابت وڪيل ضمانت جي درخواست ڏني جڏهن پوليس ريمانڊ لاء استدعا ڪئي ريمانڊ جا ڏينهن پورا ٿيڻ بعد پوليس عدالت ۾ جوابدارن جو چالان پيش ڪيو جنهن بعد گرفتار ٿيلن کي جيل موڪليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.