ٽنڊي مستي لڳ سڱاوتي تان جهيڙو،هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊومستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرل لانگاه ۾ سڱاوتي تڪرار تان لانگاھ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو  فائرنگ نتيجي ۾ نوجوان مهراب پٽ عطا محمد لانگاهه گوليون لڳڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس سول اسپتال سکر ريفر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته لانگاھ برادري جي ھادي بخش پنهنجي نياڻي جي عيوض ۾ مليل سڱ اعتبار لانگاھ کان گهر ڪئي ته انهن ھادي بخش لانگاھ جي پٽ کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ھادي بخش واري ڌر صبح سوير کجين جي ڪٽائي لاءِ نوجوان مهراب گهران نڪري رهيو هيو ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي مرڻينگ حال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.