سجاول ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو ) سجاول لڳ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺ ڇريٽاڻي جي مختلف آبادگارن پاران ڇريٽاڻي اسٽاپ وٽ سجاول ميرپوربٺورو جي مين روڊ تي نٽهڻ اس ۾ مقامي آبادگارن بابو  مختيار لغاري اختر لغاري اصغر ۽ راحب جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو انهي موقعي تي آبادگارن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته بااثر وڏيرن ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت هجڻ ڪري دڙو بئراج مان نڪرندڙ ڇوٽا واھ ۽ گهاڙي شاخ ۾ گهربل پاڻي نٿو ڏنو وڃي.  جنهن ڪري مذڪوره شاخن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب اسان مقامي آبادگارن جو زمينن ۾ بيٺل فصل سڙي تباھ ٿي رهيو آهي هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب اسين اڃا تائين ساريال جو فصل به پنهنجي زمينن ۾ نه پوکي سگهيا آهيون هنن چيو ته اهڙيون شڪايتون آبپاشي کاتي جي عملدارن کي بار بار ڪيون آهن ليڪن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي هنن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اسان آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ڏنو پيو وڃي جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي تہ احتجاجن کي جاري رکيو ويندو ٻئي طرف پ پ ايم پي اي هير سوهو احتجاج ڪندڙ آبادگارن وٽ پهچي سندن شڪايتون ٻڌيون انهي موقعي تي ايم پي اي هير سوهو فوري طور آبپاشي عملدارن سان رابطو ڪرڻ بعد احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته ڄاڻايل واهن ۽ شاخن ۾ سومر ڏينهن تائين گهربل پاڻي ڏنو ويندو جنهن بعد آبادگارن پ پ ايم پي اي هير سوهو کي مان ڏيندي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ھوڏانھن آبادگارن جي احتجاجي ڌرڻي سبب سجاول ميرپوربٺورو جي مين روڊ تي ٻنهي طرفن کان وڏي تعداد ۾ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن سبب ٽرانسپورٽرن ۽ مسافرن کي سخت گرمي سبب وڏي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.