ماٿيلي ويجهو ڌاڙيلن جو گاڏين تي حملو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ باگو ڊهه لڳ موٽر وي ايم فائيو تي ڌاڙيلن پاران حملو ڪيو ويو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين  فائرنگ جاري ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب گاڏين جا ٽائر برسٽ ٿي پيا، ۽ ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، هوڏانهن گوليون لڳڻ سبب محمد هاشم ولد صابو سيال زخمي ٿيڻ بعد اسپتال نيندي ئي فوت ٿي ويو، هوڏانهن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد ضلع گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري وڏي تعداد ۾ پهچي وئي، هوڏانهن ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن وري علائقي واسين ٻڌايو ته ڌاڙيلن موٽر وي تي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ فائرنگ ڪري گاڏين جا ٽائر برسٽ ڪيا ۽ شيشا ٽوڙي ڇڏيا، ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي، هوڏانهن ان حوالي سان گهوٽڪي پوليس سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو نه ٿي سگهيو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.