شهيد صحافي اجي لالواڻي جي وارثن کي ڌمڪيون، پوليس کي درخواست

سکر(رپورٽر) شهيد صحافي اجي لالواڻي جي وارثن کي ڌمڪيون، سندن عزيز پوليس وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جوابدارن خلاف ڪا روائي جو مطالبو، خبرموجب صالح پٽ ۾ شهيد ٿي ويل صحافي اجي لالواڻي جي گھر ڀاتين کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملڻ خلاف مقتول صحافي اجي لالواڻي جي پيءُ ايڊووڪيٽ دليپ ڪمار صالح پٽ ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي آهي ته اجي لالواڻي جي قتل ۾ جوابدار ڄاڻايل بااثر احسان شاهه ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اجي لالواڻي جيان قتل ڪرڻ جو چئي رهيو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار احسان شاهه جي ويجھي مائٽ ميونسپل آفيسر عرفان شاهه سندن گھر وٽ هيلسنٽ ۽ بجرو رکي گھر جو دڳ بند ڪري ڇڏيو آهي. مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي، درخواست ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.