رتيديري ويجهو وڏيري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

رتوديرو (رپورٽ : طفيل ساريو ) رتوديرو لڳ ڳوٺ نبي بخش جلباڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي غلام شبير جلباڻي جي گھر کي وڏيري هٿياربند ساڻ ڪري باه ڏئي ڇڏي جڏهن ته اهڙي واقعي خلاف متاثر ڳوٺاڻي پاران پاڪ  ڪتاب کڻي عورتن سميت احتجاج ڪيو ان موقعي تي غلام شبير ، شبير احمد ، نعمت الله ، صادق علي ، اعجاز ، غلام سڪينه ۽ ضميران جلباڻي  صحافين آڏو دانهيندي چيو ته وڏيرو عبدالسميع ، اسرار ، ابرار ۽ سونو جلباڻي ٻٽ ٻڌل پنهنجي ڇهن هٿياربند ساٿين سان گڏ اسان جي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي گھر ۾ موجود عورتن کي پنهنجي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پنهنجو ڏاڍ ڪري سرعام ڏينهن ڏٺي جو اسان جي گھر کي باه ڏئي ڇڏي هنن چيو ته  اسان غريبن سان ناحق ڪيو ويو آهي متاثرين جو چوڻ هيو ته وڏيرو عبدالسميع جلباڻي ڳوٺ ۾ اسان جي چار جريب زمين  تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.  گذريل ڏينهن به اسان پنهنجي زمين تي پاڻي ڏيڻ لاءِ وياسين ته هن ڏاڍ ڪري  هٿيارن جي زور تي پاڻي ڏيڻ نه ڏنو جيڪا اسان غريبن سان سراسر ناجائزي ۽ ناانصافي آهي ۽ وڏيرو اسان کي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هي اڳ ۾ به اسان کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي پر اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون وڏيري سان پڄڻ اسان مسڪينن جي وس ۾ ناهي هي اسان کي  هروڀرو پريشان ۽ تنگ ڪري رهيو آهي هنن چيو ته اسان اهڙي ظلم جي دانهن رتوديرو ٿاڻي تي به کڻي وياسين پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بجاءِ رهندو اسان کان پنج هزار روپيه خرچ جا وٺي واپس موٽي وئي جڏهن وري اسان ٿاڻي تي پنهنجون عورتون وٺي وڃي ٻيهر ظلم خلاف دانهون ڪيون ته ان بعد پوليس خالي اسان جي اين سي داخل ڪري موٽائي ڇڏيو پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو اسان سان جوابدارن ناحق ڪيو آهي پر پوليس انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي مظاهرين ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته خدا جي واسطي اسان غريبن جي مدد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان سان ظلم ڪندڙ جوابدارن مٿان قانوني ڪارروائي ڪري انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.