ڪوٽڏيجي ڀرسان ناري اغوا، ڪيس داخل

ڪوٽڏيجي( ن ع آ) ڪوٽڏيجي ڀرسان مينگهواڙ برادري جي نوجوان ناري مبينا اغوا  ڪيس داخل خبر موجب ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ٽنڊو  شاھ جي رهواسڻ مينگهواڙ برادري جي نوجوان ناري مونيشا ڌي رانجهن مينگهواڙ کي نامعلوم جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪري کڻي فرار ٿي ويا مبينا اغوا ٿيل ناري جي والد رانجهن مينگهواڙ جي فرياد تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو  ته شاهد ميمڻ جيڪو ٺيڙهي شهر جو رهواسي آهي جنهن ڪجهه هٿياربند ساڻ ڪري منهنجي نياڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا آهن هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري ڇوهارا فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندي آهي  جتي لک پڙھ جو ڪم ڪندڙ نوجوان شاهد حسين ميمڻ نالي شخص جيڪو ٺيڙهي شهر جو رهواسي آهي جنهن سان پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪري وئي آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي موجب اغوا ٿيل ناري جي والد رانجهن مينگهواڙ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪري جلد مبينا اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.