لعلورائنڪ ۾ اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب 4 شاگرد زخمي

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ لڳ ڳوٺ قادربخش مغيري  بوائز پرائمري اسڪول جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ هيڊ  ماستر سميت چار شاگرد جنيد علي ، صدورو ، خديجا ، مرڪان  زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن رول هيلٿ سينٽر وڳڻ کڻي پهچايو  جتي زخمين کي فوري علاج ڏئي فارغ ڪيو ويو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي هيڊ ماستر سڪندر علي مغيري  ٻڌايو ته مان ٻه درجي جي ڪلاس ۾ پيرڊ وٺي رهيو هيس ته اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب مون سميت چار شاگرد زخمي ٿي پيا هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻيل آهي جنهن جا چاپڙ ڪرڻ جو هر وقت خوف تاري رهي ٿو اسان ڪتيرائي ڀيرا اعليٰٰ اختيارين کي لکيو آھي پر هن وقت تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو ھن وڌيڪ اپيل ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندا تعليم جي واڌاري لاء قدم کڻي  مستقبل  روشن ڪرڻ لاءِھنن شاگردن لاءِ نئين سر بلڊنگ ڏيارين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.