ڀرياسٽي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

ڀرياسٽي ( ن ع آ) ڀرياروڊ ڀرپاسي ۾ تازيون برساتون عوام جي لاء زحمت بڻجي ويون  ۔مختلف روڊن رستن ۔ گلين محلن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۔ ٽائون انتظاميه اگهور ننڊستل ۔ اسڪولي شاگرد توڙي رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا۔روڊن تي برساتي پاڻي ۔ گندي نالين جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ۔تفصيل موجب ڀرياروڊ مين اسٽيشن روڊ۔ ڀرياروڊ لنڪ روڊ۔ مٺل آباد۔ فتح پور محلا ۔ ڪيريا محلا ۔ غريب آباد۔ ياسين ڪالوني ۔ گوشت مارڪيٽ سميت ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو۔برساتي پاڻي مين رستن تي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو۔ جڏهن ته مسافر گاڏيون توڙي موٽرسائيڪل سوار وچ پاڻي ۾ گاڏيون بيهي وڃڻ ڪري سخت پريشان ٿيڻ لڳا۔جڏهن ته نالين جو گندو پاڻي به گهرن اندر داخل ڪري شهري غلام رسول چنه  ۔ مختيار ڏهيو۔ مالڪ ڏنو ڪيريو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي رستن تي برساتي پاڻي گوڏي جيڏو بيٺو آهي۔ ٽائون انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندا ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيا آهن۔هنن چيو ته اسان جي ٻارڙن کي اسڪول سميت شهر اچڻ ۾ به سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هنن چيو ته اسان بار بار ٽائون انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي پر ڪير به پاڻي ڪڍرائڻ جي لاء تيار ناهي۔ سڃو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو۔ آهي۔ هنن ڊي سي نوشهروفيروز۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته شهر مان ڀرساتي پاڻي نيڪال ڪري روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي ته جئين سڪون جي زندگي گذري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.