رتوديرو مان موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ چور سوگھو

رتوديرو(ن ع آ)رتوديرو پوليس شهر مان هڪ موٽر سائيڪل چوريون ڪندڙ چاٻي چور کي سوگھو ڪري ورتو آهي گرفتار ڪيل چاٻي چور جو نالو عرفان ولد ھدايت الله ٻلھڙو ٻڌايو  پيو وڃي جيڪو رتوديرو ڀرسان وارثڏنو ماڇي جو رھواسي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او رتوديرو احسان علي بليدي ۽ سب انسپيڪٽر علي اصغر بوزدار ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدار شھر مان چوري ٿيل پنج موٽر سائيڪلون باسيون آھن . جيڪي برآمد ڪرائي اسان وارثن حوالي ڪيون. ھنن اھو پڻ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدار گھڻي عرصي کان ساٿين جي مدد سان شھر مان موٽر سائيڪلون چوري ڪندا ھئا ھن وٽان ماسٽر چاٻي پڻ هٿ ڪئي وئي آھي . ھي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙن جي ھڪ وڏي گروه جو ساٿي آھي ھن ٻيا ڪيترائي راز پوليس کي ٻڌايا آھن جلد ئي پوليس ھن جي باقي ساٿين خلاف به ڪارروائي ڪندي

ميان صاحب ڀرسان چڙهايون  16شڪي گرفتار

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او صديق شر جي اڳواڻي ۾ پوليس جون ڏيئا ڳوٺ، وڪڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هوٽلن تي چڙهايون ڪيون ويون پوليس اهلڪارن هوٽلن  تي  چڙهايون ڪيون  جتان پوليس هوٽلن تي ويٺل ماڻهن کان پڇا ڳاڇا بعد چانڊيا ڏيئا ۽ ٻين ذاتين سان تعلق رکندڙ 16ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وئي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.