مونيڪا قتل ڪيس، جي آءِ ٽي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ

خيرپور ( ڊ ر) ست مھينا اڳ پير جو ڳوٺ هادل شاھ ۾ اجتماعي زيادتي کان پوء بيدردي سان قتل ڪيل نينگري مونيڪا لاڙڪ جي قتل  ڪيس جي ٻُڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور ۾ ٿي گذري جنهن ڪيس ۾ جوابدارن کي پوليس ٽنھي مُک جوابدارن عبدالله عرف ابلي لاڙڪ سليم شر ۽ منصور شر کي ڪورٽ۾ب پيش ڪيو، جڏھن تہ اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور جي جج مونيڪا قتل ڪيس جي جي آء ٽي رپورٽ نه ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي 31 جولاء تي ٻيھر ڪورٽ پيش ڪيو وڃي ۽ عدالت پاران ڊي آء جي سکر کي هڪ ليٽر جاري ڪندي چيو آهي ته بيدردي سان قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس جي نئين جي آء ٽي رپورٽ ايندڙ ٻُڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ھلائي وڃي.

ڊگهڙي ۾ جوبدار گرفتار، ٺرو هٿ

ڊگهڙي(ت ر)ڊگهڙي پوليس موجب دوران گشت ڪنگورو شاخ اسٽاپ تان گلزار پٽ رستم نوحاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان  ڏهه ٿيلهيون گٽڪي جون برآمد ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو، سندس ٻيو ساٿي جوابدار موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو.

خانپور  مهر مان چوري ٿيل موٽر سائيڪون هٿ

خانپورمهر (ن ع آ) ايس ايڇ او خانپورمھر اختيار پنهور پاران  خانپورمهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن سونهانجڙو بوزدار پير بري ۽ ٻين  علائقن ۾ سنيپ چيڪنگ جو سلسلو جاري آهي پوليس مختلف هنڌن تي ڏوهارين خلاف پڻ ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن . ان سلسلي ۾ پوليس موجب  ڪارواين دوران ڪجهه عرصو اڳ خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد تعلقا  اسپتال مان صحت کاتي جي ملازم ڪليم الله گبول ۽ خانپورمهر جي بس اسٽينڊ وٽان وسعت الله مهر جون چوري ٿيل موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن جيڪي ايس ايڇ او خانپورمھر اختيار پنهور ٿاڻي تي اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون. پوليس موجب ڏوهارين خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.