شھدادڪوٽ مان ناري جو قاتل گرفتار

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ پوليس جيڪب آباد واسڻ مقتول ناري بينظير لاشاري جي قاتل کي گرفتار ڪري ورتو آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ  جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ بي رحم جوابدارن 25 ورھين جي ناري بينظير لاشاري کي بي دردي سان قتل ڪيو ھو، ۽ واقعي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ھئي جن کي پوليس تلاش ڪري رھي ھئي،پر ڪالھ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سمير نور چنا کي خوفيا اطلاع مليو ته ناري بينظير لاشاري جو قاتل شھدادڪوٽ ۾ موجود آهي کيس گرفتار ڪيو وڃي، جنهن بعد شھدادڪوٽ اي سيڪشن پوليس شھر جي تعلقه اسپتال ويجهو ڇاپو ھڻي غلام سرور پيراڻو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدار مٿان جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي تي بينظير لاشاري جي قتل جو ڪيس داخل آهي،وڌيڪ قانوني ڪاروائي کان پوء جوابدار کي جيڪب آباد پوليس حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.