سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس ۾ 9 جوابدارن جي ضمانت

حيدرآباد(رپورٽر) اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت 9 جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور  ڪري ورتي.  ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج عبدالغفور ڪلھوڙو جي عدالت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت، اڳوڻا رجسٽرار امير علي ابڙو ۽ سليم چانڊيو سميت 50 کان وڌيڪ استاد، آفيسر ۽ ٺيڪيدار عدالت ۾ پيش ٿيا، اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر سيف الله ھاليپوٽو ڪيس جي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ عدالت کي مھلت جي درخواست ڏني جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پروفيسر سردار شاهه، بيدل مسرور، ارشد امين، شفي محمد ميمڻ، گل محمد، خرم دايو، زاھد مصطفيٰ، محمد نويد ۽ محمد يونس جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر سيف الله ھاليپوٽو ٻڌايو ته  ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي رپورٽ نه آئي آھي، رپورٽ مڪمل ٿيندي ته عدالت ۾ جمع ڪرائينداسين. هن چيو ته سول ورڪس جي ڪجهه ٺيڪيدارن جي سائيٽ انسپيڪشن جي رپورٽ رھيل آھي، ڪيس ۾ ٽوٽل 68 ماڻھو آھن انھن ۾ 2 عورتون به شامل آھن، 8 جوابدار اڃا تائين روپوش آھن، هن ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر ھڪ آھي اھو جيئن ئي ٽائيم ڏيندو ته رپورٽ فائنل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.