لاڙڪاڻي 6 گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي جي هدايتن تي پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 6  جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ڪيل موٽرسائيڪلون ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه مارڪيٽ پوليس گهربل جوابدار نويد لولائي کي 2 ڪلو چرس سميت، سيهڙ پوليس اشتهاري جوابدار گلزار ڀنڊ کي، ڳيريلو پوليس چيڪنگ دوران جوابدار شفقت بروهي کي، وليد پوليس چيڪنگ دوران گهربل جوابدار سعيد ملاڻو کي ڀنگ سميت، رتوديرو پوليس جيڪب آباد ضلعي جي علائقي محمد پور اوڍو واسي موٽرسائيڪل چور عرفان ڪلهوڙو کي پنجن موٽرسائيڪلن سميت ۽ هٽڙي غلام شاهه پوليس گهربل جوابدار علي گوهر ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي وليد پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ احمد علي تونيو ۽ دڙي پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ شيراز هليو حوالي ڪري ڇڏي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.