ڪاڇي جي باراني زمين تي قبضي جي ڪوشش، فائرنگ

فريدآباد  ( ن ع آ ) ڳوٺ فيض محمد درياڻي  چانڊيو جو رھواسي ڪاڇي جو زميندار واپاري رئيس اميد علي چانڊيو جي  ڪاڇي جي   باراني  زمين تي مخالف ڌر پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي ، زميندار واپاري مٿان فائرنگ ڪري قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي ، جڏهن ته مخالف ڌر  علي حسن ميرواڻي ، گل حسن ، حاڪم ، زنگي ، غازي ، پھلوان ٻاجھاڻي ، عظيم ،آچر ۽ ٻين ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل سي ڊي 2021 ماڊل ، سونو لاڪيٽ زوري ڦر ڪري ويا ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي ، اھڙو اطلاع ماڏو ٿاڻي تي ڏنو ويو ، جڏهن ته ڪاڇي جي زميندار واپاري رئيس اميد علي چانڊيو  نيشنل پريس ڪلب تي پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ڪاڇي جي زمين تي ويس ته مٿين جوابدارن مون تي فائرنگ ڪئي ۽ مون کي مارڻ جو پلان  جوڙيو ويو ھو ، پر مان جان بچائي وڻن جي اڙ وٺي نڪري آيس ، ھن چيو ته منهنجي ڪاڇي ۾ ھڪ ھزار جريب باراني زمين آهي جيڪا  آباد ڪندو آھيان ، ھن چيو ته مان ماڏو ٿاڻي تي اين سي ڪرائي آهي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن ، ھن چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي مون کي يا منهنجي فيملي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا زميوار مٿيان جوابدار آهن ھن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته حملي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ، ٻئي طرف سڀاڻي فريدآباد  ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاء ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.