قمبر ۾ واپاري جي دڪان مان لکين رپين جي چوري

قمبر(ڊر) قمبر شھر جو مشھور پولٽري جو واپاري سيٺ حمزه علي چانڊيو جي دڪان جي گذريل رات چورن ڇت ڀڃي 2 لک 80 هزار رپيا روڪ  رقم ٻھاري ويا، شهر مان چوري ڦر جي وڌندڙ وارداتن خلاف شهرين واپارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شاهنواز چانڊيو،سرائي عبداللطيف گوپانگ،ڪامريڊ اياز ٻرڙو، حسن سنڌي ٻين چيو ته شهر ۾ چوري ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن شهري واپاري ڏوهارين جي خوف ۾ ورتل آهن شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ ٿا هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.