ميرواهه گورچاڻي ڀرسان مڙس زال کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص/ڊگهڙي (رپورٽ: صالح اوٺو/ ڀاون شاهه ) ميرواهه گورچاڻي لڳ نشي ۾ ڌت وحشي صفت مڙس پاران زال تي وحيشياڻو تشدد، نشي ۾ ڌت مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪيل 6 ٻارن جي ماءُ ڪراچي جي  اسپتال ۾ علاج دوران فوت. واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس وحشي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو. عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، لاش پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. نشيءُ جي ڪري دماغ ڦري ويو هو واقعي تي شرمنده آهيان. گرفتار جوابدار. تفصيل موجب ميرواه گورچاڻي لڳ ڳوٺ لال بخش رُستماڻي جي رهواسي 6 ٻارن جي ماءُ راڌا ڪولهي کي وحشي مڙس مانو ڪولهي نشي جي حالت ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي ۽ سخت تشدد ڪرڻ بعد مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي ميرواه گورچاڻي مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو جتان کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد کان ڪراچي جي اسپتال نيو ويو جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويئي، وحشي صفت مڙس جي وحشياڻي تشدد جو نشانون بڻجڻ سبب فوت ٿي ويل راڌا ڀيل جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي يتيم ٻارن ۾ ريهون ۽ گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، مڙس جي تشدد جو نشانون بڻيل عورت فوت ٿيڻ جي اطلاع تي حد جي پوليس تشدد ۾ ملوث مڙس کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي. مڙس هٿان قتل ٿي ويل زال جي وارثن موجب مانو ڪولهي شراب جو موالي آهي ۽ اڪثر نشي جي حالت ۾ تشدد جو نشانو بڻائيندو پر 2 ڏينهن هن ڪهاڙين جا وار ڪري زال کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويئي، گرفتار جوابدار موجب نشي جي حالت ۾ دماغ ڦري ويو جنهن دوران اهڙو واقعو پيش آيو جنهن تي انتهائي شرمنده آهيان زال کي قتل ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو بس نشي ۾ ٿوري ڳالھ تي ڪاوڙ اچي ويئي. پوليس موجب وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو به نه پهتو آهي وارثن جي پهچڻ شرط ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.