ڪاڇي جي برسات متاثرن جي مدد ڪئي وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد  حسين مهيسر، گل حسن ڪيڙانو، مهراڻ سنڌي ۽ ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي جي برساتي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي. هنگامي طور کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري دوائن، پيئڻ جي صاف پاڻي، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ سميت بنيادي سهولت ڏنيون وڃن. اڳواڻن چيو آهي ته برساتي نئين وهي اچڻ سبب روڊن تي لڳل گهارن ڪري ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. برسات متاثر ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن تي رهائي کين پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ روزگا سميت سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ حڪومت بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذولفقارآباد جهڙين قبضاگير ڪالونين کي روڊن، رستن سميت سموريون سهولتيون سرڪاري خرچ تي مهيا ڪري ٿي، پر سنڌ جي اصل وارثن کي ڪا به سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪاڇي ۾ صدين کان ماڻهو آباد آهن، پر سنڌ سرڪار انهن کي بنيادي سهولتيون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪاڇي ۾ هر ڀيري برساتن دوران ٻوڏن جو اچڻ معمول بڻجي ويو آهي. تازو مٿان وري برساتي ٻوڏ ڪاڇي واسين جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. گورک جي روڊ رستن ۽ نئين گاج ڊيم تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، تنهن هوندي به ٻئي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته انهن ٻنهي منصوبن ۾ ٿيل ڪرپشن جي ڪنهن ساک واري اداري کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث وڏيرن ۽ آفيسرن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.