حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي:اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ) ع ج پ جي مرڪزي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو،حريف چانڊيو ،رشيد سڌايو ،لعل محمد چانڊيو چيو آهي ته حڪومت  پورهيتن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي رڪارڊ ٿي آهي تازو عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي حڪمران ماڻهن کان وات جو گرهه به کسڻ چاهين ٿا اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران اٽي، گيهه، کنڊ جي وادايل اگهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا پئٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ جو مطلب هر شيء جي اگهه کي وڌائڻ جي برابر آهي عوام لاءِ سستائي نه ڪندڙ حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي.  ماڻهن جي ووٽ تي عياشيون ڪندڙ نمائندا عوام جي اهنجن کان بي خبر بڻيل آهن ڪرپٽ بيورو ڪريسي،بي حس حڪمران ڄورن جيان ماڻهن جو رت چوسي رهيا آهن جيڪڏهن اقتدار ڌڻين مسڪين عوام جي ڀلائي وارو قانون نه جوڙيو ته پوءِ ذلت سندن مقدر بڻبي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.