ٽنڊي غلام حيدر لڳ چوپايو مال بيهاري روڊ بند، مسافر پريشان

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر جي حد ۾ لڳندڙ سنڌ جي مشهور تلهار مال پڙي جي پلاٽ تي برساتي پاڻي هجڻ سبب ٺيڪيدار پاران  ڍور مک حيدرباد_بدين روڊ تي وڪري لاءِ بيهاري ڇڏيا ڪيترائي ڪلاڪ مين روڊ بند مختلف شهرن کان ايمرجنسي ۾ مريض کڻي ويندڙ گاڏيون ٽرئفڪ ۾ ڦاسي پيون انتظاميا جي مسلسل لاپرواهي سبب ڪيترن ئي مسافرن کي سخت تڪليفون پيش ٻئي طرف ڪرونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا جو خطرو هوندي به ماڻهن ۽ ڍورن جا وڏا هجوم لڳي ويا ايس او پيز مڪمل طور نظرانداز،بغير وئڪسين جي هزارين ماڻهو مال پڙي ۾ پهچي ويا رهواسين پاران وڌندڙ وبا ۽ نظرانداز ايس او پيز تي ڳڻتي جو اظهار،ٻئي پاسي ٽنڊوغلام حيدر اسسٽنٽ ڪمشنر سيد نثار علي شاھ پاران متارو هوٽل بس اسٽاپ ۽ مال پڙي ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ وارو وئڪسينشن سينٽر قائم ڪري مال پڙي ۾ خريدارن ۽ واپارين کي وئڪسين ڪرائي وئي.هوڏانهن ڪيترائي ڪلاڪ مک شاهراھ بند رهڻ بعد سوين مسافر گاڏيون بيهجي ويون سخت گرمي سبب مسافرن کي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.