واهي پانڌي جا برسات متاثر بي يارو مددگار، انتظاميا سار نه لڌي

واهي پانڌي(رپورٽ ،حسين بخش رستماڻي ) ڪاڇي ۾ نئين گاج جي تيز وهڪري سبب متاثر ٿيندڙ سوين ڳوٺن جي رهواسين جي سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ٻئين ڏينهن به ڪا سار نه لڌي نئين گاج جي وهڪري سبب متاثر ڳوٺاڻن جو  گهرن ۾ پيل اناج هنڌ بسترا کاڌي پيتي جون شيون ۽ چوپائي مال جو چارو به لڙهي ويو نئين گاج جي تيز وهڪري سبب ڪاڇي جي مختلف شھرن ڊرگھ بالا واهي پانڌي ۽ ڇني جو زميني رابطو پڻ ٻن ڏينهن گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيو جڏهن ته واهي پانڌي روڊ جي مين سول پل کي ٻنهي پاسن کان گهارا لڳا آهن ۽ مختلف هنڌن تي واهي پانڌي جوهي روڊ کي ڇھ کان وڌيڪ گهارا پڻ لڳا آهن ڊرگھ بالا روڊ تان پاڻي اوور ٽاپ ڪرڻ سبب روڊ کي هنڌان هنڌان گهارا لڳي ويا جڏهن ته ڇني روڊ تان پاڻي اوور ٽاپ ڪرڻ سبب روڊ مڪمل پاڻي جي گهيري هيٺ آهي ڇني ۽ جوهي کي ملائيندڙ پل جي پاسن کي گهارا لڳڻ سبب پل جي ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ڪاڇي جا روڊ رستا بند هجڻ ڪري کاڌي پيتي جي شين جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آهي دڪاندارن شين جا اگھ چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڪاڇي واسين جي زندگي پڻ مفلوج بڻيل آهي نئين گاج جي وهڪري سبب ڪاڇي واسين جا سور ٻيڻا ٿي ويا اهڙي سنگين صورتحال باوجود تڪ جي چونڊيل نمائندن به نئين گاج جي متاثر هزارين خاندانن جي واهر لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ڪاڇي واسي مدد لاءِ واجهائڻ لڳا آهن جڏهن ته ايم اين اي دادو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ جوهي ويجهو ايف پي بند تي ميڊيا جي نمائندن پاران ٻوڏ واري صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪاڇي ۾ ڪا به ايمرجنسي ناهي توهان به برسات کي انجوائي ڪيو پيا اسان به برسات کي انجوائي ڪيون ٿا نئين گاج جي وهڪري سبب سخت متاثر ٿيندڙ ڪاڇي واسين ايم اين اي دادو جي اهڙي جواب تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايم اين اي نااهل ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدارن کي روڊن جا ٺيڪا ڪميشن عيوض ڏياري ڪاڇي جا روڊ رستا تباھ ڪرائي ڇڏيا آهن نئين گاج جي متاثر ڳوٺاڻن وزير اعلي١ سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪندي چيو ته متاثر ڳوٺن ۾ فوري طور امدادي ٽيمون روانيون ڪري ڪاڇي واسين جي واهر ڪئي وڃي نئين گاج متاثر بکن ۾ پاھ ٿي ويا آهن.

جوهي ۾روڊ کي ڪٽ هڻڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

جوهي ( ن ع آ )جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال دوران جوهي واهي پانڌي روڊ کي چئن مختلف هنڌن تان هٿرادو ڪٽ ڏيڻ خلاف سول سوسائيٽي پاران ايف پي بند وٽ احتجاج ڪيو ويو, خليل عارف سومرو, امين وگهيو, ايوب لغاري, عرفان رند ,مرتضي  رند , عثمان رودناڻي   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن دانهيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب علائقي ۾ ٻوڏ جي صورت ۾ تباهي آئي آهي, سوين گهر مسمار ٿيا, ڳوٺ پاڻي هيٺ آيا, هٿرادو ڪٽ لڳائي روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن, هنن چيو ته ايف پي بند سميت ڪٿي به انتظاميه نظر نه پئي اچي نه ئي متاثرين جي ڪا سهائتا ڪئي وئي آهي, هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي روڊ رستن کي ڏنل ڪٽ بند ڪرائي اچ وڃ بحال ڪرائي وڃي, هوڏانهن پ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جوهي واهي پانڌي روڊ وٽ پهچي پنهنجي نگراني ۾ روڊ کي ڏنل ڪٽ بند ڪرائڻ وارو ڪم شروع ڪرايو, پ پ پ ايم اين رفيق احمد جمالي موجب گهڻي پاڻي اچڻ جي خدشي سبب روڊ کي ڪٽ ڏياريا جيئن پاڻي جو وهڪرو بنا نقصان جي گذري سگهي, پاڻي گهٽ هجڻ سبب ڪٽ بند ڪرائڻ لاء پهتو آهيان فنڊ نه هجڻ بعد به پاڻ ڪم جي ايمر جنسي ۾ نگراني  ڪري رهيو آھيان  بلوچستان مان برسات جو سلسلو بند ٿيندو ته جوهي ۾ ڪوب خطرو ناهي سڀاڻي تائين لڳل کنڊ بند ٿي ويندا.

لاڙڪاڻي مان مئل ڍور جو گوشت هٿ، 3 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مئل ڍور گشت وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش، پوليس ڪار تي چاپو هڻي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري مئل ڍور جو گوشت هٿ ڪري ٽن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڪار تي ڇاپو هنيو جنهن مان  مئل ڍور جو گشت هٿ ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻن ڄڻا فرار ٿي ويا بعد ۾ پوليس ڪار ۽ مئل ڍور جو گوشت ٿاڻي تي منتقل ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو جي موجودگيءَ ۾ وٽرنري ڊاڪٽر کي طلب ڪري مئل ڍور جي گوشت جي تصديق پڻ ڪئي. ان حوالي سان ايس ايڇ او پير شير ايٽ عاقل طالب حسين جوڻيجو ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع مليو ته ڪجهه ماڻهو مئل ڍور جو گوشت کڻي شهر ڏانهن وڪرو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ان تي پوليس مهر پوليس چونڪي وٽ ڪاروائي ڪندي هڪ ڪار تي ڇاپو هنيو جنهن مان مئل ڍور جو گوشت هٿ ڪري ڪار ڊرائيور سليم سومرو کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻه ڄڻا شعيب جيسر ۽ جنسار ميراڻي فرار ٿي ويا جن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ٻڌايو ته پوليس جي بروقت ڪاروائي سبب مئل ڍور جو گوشت شهر ڏانهن کڻي ايندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جي هدايتن تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شهرين کي بدبودار کاڌو فراهم ڪندڙن خلاف هر صورت ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي. شهرين کي گهرجي ته ضلعي انتظاميه ۽ پوليس سان سهڪار ڪري اهڙي قسم جي معاملن بابت بروقت آگاهه ڪن جيئن شهرين جي حياتين کي بچائي کين بهتر کاڌو فراهم ڪري سگهجي. هوڏانهن حد جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ ضمير حسين چهواڻ جي فرياد تي گناهه نمبر 2021/36 قلم 269 ۽ 270 تحت ٽن جوابدارن سليم سومرو، شعيب جيسر ۽ جنسار ميراڻي خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.