مقصودي رند لڳ نجي جيل تي ڇاپو، 15 هاري بازياب

مقصودو رند (ن ع آ ) مقصودو رند ويجھو ڳوٺ ڇُٽو ڏاهري ۾ عدالتي حڪم تي  مقصودو رند پوليس زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ،مردن ۽ ٻارن سميت 15 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو بازياب  ڪرايل ھاري عدالت ۾ پيش عدالت پاران مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حڪم خبر موجب مقصودو رند ويجھو ڳوٺ چٽو ڏاھري ۾ عدالت جي حڪم تي درياءَ خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس زميندار جي زرعي زمين تي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي مبينا باندي بڻايل 15 ھاري بازياب ڪرائي ورتا.  بازياب ڪرايل ھارين ۾ مصري ڪولھي، شريمتي گوري، اشوڪ، ڀاڳچند،چيتن، پريم سميت 15 ھاري بازياب ڪرائي ورتا بازياب ڪرايل ھارين کي مقصودو رند پوليس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ شهدادپور ۾ پيش ڪيو ويو جتي درخواستگذار شريمتي اجو ڪولھي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو تہ ڪمدار يار محمد جمالي ۽ جمعدار لالو ڪولهي خاندان کي باندي بڻائي اڃ ۽ بک تي رکي پورهيو وٺندا ھئا  جنھن بعد عدالت سڳوري بازياب ڪرايل ھارين کي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.