ميهڙ ۾عيد ويجهو ايندي ئي بدامني وڌي وئي، دڪان مان لکين رپين جي چوري

ميھڙ(رپورٽ جميل مهيسر ) ميھڙ عيد ويجھو ايندي ئي چورين جو آزار وڌي ويو ميھڙ ۾ ون فائيو سينٽر ٻن ٿاڻن ۽ ھڪ ڊي ايس پي آفيس ھوندي به شھري غير محفوظ بڻيل آھن ايس ايس پي دادو پاران ون فائيو کي ڏنل وڌيڪ  نفري باوجود شھر ۾ چوري جون وارداتون نه رڪجي سگھيون ميھڙ  پوليس خاموش بڻيل رھي ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دعا چوڪ لڳ مشھور واپاري دوڪاندار ڪيڪل داس راجا ڪنفيڪشنري جي دوڪان مان نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويا.  دڪان ۾ پيل سامان سگريٽ چانھ ۽ ٻين شين جا ڪيترائي ڪارٽون تقريبن 7 لک روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ، جڏنھن ته دڪان مالڪ پرديپ ڪمار  ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور اسان جي دڪان مٿان ٻن دروازن جا تالا ٽوڙي ۽ ڇت ڀڃي دڪان مٿان گدام مان 7 لک روپين جي ماليت جا سگريٽ چانھ ۽ ٻين شين جا ڪارٽون کڻي فرار ٿي ويا آھن ھن چيو ته اسان جي دڪان ڀرسان پيٽرول پمپ تي چوڪيدار ۽ گل حسن شيخ جي دڪان اڳيان بيٺل پوليس اھلڪار ھوندي بہ اسان جي دڪان جا تالا ٽوڙي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي جڏنھن تہ ميھڙ ۾ ھندو برادري کي ٽارگيٽ ڪرڻ خلاف ھندو برادري جي اڳواڻن راحل ڪمار راجيش ڪمار سميت لال پرديپ ڪمار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو تہ اسان ھندو برادري کي ھٿ سان ٽارگيٽ ڪيو ويو آھي گذريل 3 ڏينھن پھرين مھيش ڪمار ۽ اميت لال جي آٽوز مان پڻ لکئين روپين جي چوري ڪئي وئي ھئي جنھن جي اسان ميھڙ ٿاڻي تي شڪايت درج ڪرائي ۽ ون فاء انچارج الاھي بخش زرداري کي گشت وڌائڻ جو چيو پر ان جي باوجود بہ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو اڄ ٻيھر اسان جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪئي وئي آھي جنھن جي اسين مزمت ڪيون ٿا پر افسوس آھي جو ھن وقت تائين ميھڙ پوليس جاء واردات تي نه پھتي آھي ھنن ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته اسان ھندو برادري جي دڪانن مان ٿيل چوري واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي اگر انصاف نه مليو ته اسان احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.