ڪوٽ غلام محمد لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو 2 ڄڻا زخمي

ڪوٽ غلام محمد ( ت ر) ڪوٽ غلام محمد لڳ ديھ 253 جي ڳوٺ لال خان لغاري ۾ ٻني  تي گاھ ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ٽنگ ۾ بندوق جي ڳولي  ۽  مٿي تي ڪھاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب نواز علي لغاري ۽ لٺن جا ڌڪ لڳڻ سبب الھڏنو لغاري زخمي ٿي پيا .زخمين کي اطلاع ملڻ تي ڏھون ميل پوليس تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد کڻائي آئي .جتي زخمين نواز علي ۽ الھڏنو لغاري ٻڌايو ته جوابدارن محبوب لغاري .نيازغاري .نورالامين ۽ امير علي لغاري وارن اسان تي حملو ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن .جڏھن ته ڊاڪٽرن پاران ٻنھي زخمين کي ميرپورخاص سول اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو آھي .جڏھن ته واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگھيو آھي .ھوڏانھن اھو پڻ اطلاح آھن ته پوليس ھڪ جوابدار نورالامين لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

ٽنڊي مستي لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر، نينگر زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊومستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ٽنڊو نظر علي لنڪ روڊ تي  ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي م ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ خير محمد چانڊيو واسي موٽر سائيڪل سوار 14 ساله نينگر سرفراز احمد پٽ حاڪم چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو جتي نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.